ضياءَ الدين ضياءَ

ضياءَ الدين ضياءَ

ضياء الدين ضياء

ضياءَ الدين ضياءَ : مشهور شاعر، اديب ۽ صحافي ضياءَ الدين ’ضياءَ‘ 15 ڊسمبر 1910ع تي نامور عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي شمس الدين ’بلبل‘ جي گهر، ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ضياءَ نون سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن کان پوءِ هن جي پرورش ۽ تربيت بلبل جي بزرگ دوست مولانا غلام محمد سوڍر جي هٿ هيٺ ٿي. ضياءَ الدين ابتدائي تعليم ميهڙ مان، مئٽرڪ 1931ع ۾ لاڙڪاڻي مان پاس ڪري، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو،جتان ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي پاس ڪيائين. تعليم جي حاصلات کانپوءِ واپس وطن اچي ميهڙ ۾ وڪالت ڪيائين ۽ گڏوگڏ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. انهي عرصي دوران عالمن ۽ اديبن جي صحبت سبب سندس ادبي سوچ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. هُن پنهنجي والد جي نسبت سان ’بزم بلبل‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا ۽ ادبي ميڙاڪا ٿيا، جن ۾ سڄي سنڌ جي وڏن وڏن عالمن ۽ شاعرن جي شرڪت ٿيندي هئي. ضياءَ 1943ع ۾ سنڌ مدرست الاسلام ڪراچي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، بعد ۾ اُها نوڪري ڇڏي اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر دادو مقرر ٿيو، جتي 1953ع ۾ ترقي ماڻي ضلعي پبلڪ پراسيڪيوٽر دادو مقرر ٿيو. 1957ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي وڪالت شروع ڪيائين. هُن زندگي جي ٻين مصروفيتن سان گڏ ادبي خدمتن کي جاري رکيو. شاعري سان گڏ تحقيقي مضمون ۽ مقالا اُن وقت جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. کيس انگريزي ٻوليءَ تي دسترس حاصل هو. سندس انگريزي ۾ لکيل مضمون لنڊن جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا. سندس ڪتابن مان ’تحفه ميهڙ‘، ’خطبه ضياءَ‘، ’ضياءُ القلندر‘ ۽ ’قرب قلندر‘ ڇپيل آهن. هُن جو صحافت ۾ چڱو پورهيو رهيو. دادو مان هڪ هفتيوار اخبار ’تنظيم عوام‘ جاري ڪيائين، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو. ان کانسواءِ ماهوار ’اديب سنڌ‘ جو ايڊيٽر ’انجمن آفتاب ادب‘ دادو جو نائب صدر ۽ بار ايسوسيئيشن ميهڙ ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو جو صدر پڻ رهيو. پاڻ سٺو شاعر، اديب، فلسفي ۽ قانوندان هجڻ سان گڏ حڪمت ۾ به ماهر هو. سماجي حوالي سان سندس خدمتون يادگار آهن. هُن 14 سيپٽمبر 1966ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ميهڙ جي قبرستان ۾ پنهنجي والد جي ڀرسان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.12.15  عيسوي

ضياءَ الدين ’ضياءَ‘ 15 ڊسمبر 1910ع تي شمس الدين ’بلبل‘ جي گهر، ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.


1966.09.14  عيسوي

ضياءَ الدين ’ضياءَ‘ 14 سيپٽمبر 1966ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سومر مرکنڊ
ٻلديو گاجرا
چيٽرجي سنيتي ڪمار
جتوئي آصف مصطفيٰ
سورٺ ٿيٻو
غلام صديق سومرو
جلال الدين سنڌي
ڀريو ويرداس
آچار ڪاڪو
پلي حاجي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون